اسرائيل اندروني معاملن ۾ مداخلت بند ڪري: شام

دمشق-08 ڊسمبر(اي پي پي)شام اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شام جي اندروني معاملن ۾ مداخلت بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب شام جي پرڏيهي وزير اسعد الشيباني زور ڀريو آهي ته  اسرائيل، شام اندر ڪجهه گروهن جي حمايت ڪرڻ کان پاسو ڪري. سندس چوڻ هيو ته اسرائيل هن وقت شام لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي ۽ ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته آمريڪا، اسرائيل سان معاهدو مڪمل ڪرڻ ۾ …

دمشق-08 ڊسمبر(اي پي پي)شام اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شام جي اندروني معاملن ۾ مداخلت بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب شام جي پرڏيهي وزير اسعد الشيباني زور ڀريو آهي ته  اسرائيل، شام اندر ڪجهه گروهن جي حمايت ڪرڻ کان پاسو ڪري. سندس چوڻ هيو ته اسرائيل هن وقت شام لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي ۽ ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته آمريڪا، اسرائيل سان معاهدو مڪمل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري رهيو آهي. شام جي پرڏيهي وزير اهو به چيو ته شام اسرائيل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دانشمندي ۽ سفارتي طرز عمل جو مظاهرو ڪيو آهي. اندروني صورتحال جي حوالي سان الشيباني چيو ته سيڪيورٽي خطرن،  خاص طور تي داعش اڃا به ڳڻتي جو سبب آهي. اهي بيان ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن شام جي عوام ايندڙ سومر واري ڏينهن بشارالاسد جي سقوط جي سالگره ملهائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهو سقوط جيڪو سال 2011 ۾ شروع ٿيندڙ عوامي تحريڪ جو نتيجو هيو. دمشق تي اپوزيشن جي مڪمل ڪنٽرول حافظ الاسد جي 1971ع کان قائم خانداني ۽ آمراڻي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں