رياض-08 ڊسمبر(اي پي پي) اردن ۾ سعودي عرب جي نئين سفير شهزاده منصور بن خالد بن فرحان بسمان پيلس ۾ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله الثاني کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون.پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي سفير اردن جي فرمانروا کي اعليٰ سعودي قيادت پاران مبارڪن وارو پيغام پهچايو. شاهه عبدالله ثاني سعودي عرب ۽ اردن جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سمورن شعبن ۾ ان غير معمولي لاڳاپن …
سعودي عرب جي نئين سفير پاران اردن جي فرمانروا کي سفارتي سندون پيش

مزید خبریں
رياض-08 ڊسمبر(اي پي پي) اردن ۾ سعودي عرب جي نئين سفير شهزاده منصور بن خالد بن فرحان بسمان پيلس ۾ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله الثاني کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون.پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي سفير اردن جي فرمانروا کي اعليٰ سعودي قيادت پاران مبارڪن وارو پيغام پهچايو. شاهه عبدالله ثاني سعودي عرب ۽ اردن جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سمورن شعبن ۾ ان غير معمولي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ سعودي سفير جي ڪاميابي جي خواهش جو عزم ڪيو. ان کان اڳ سعودي عرب جو سفير بسمان پيلس پهتو ته کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. سعودي عرب ۽ اردن جا شاهي ترانا وڄايا ويا.






