نئين دهلي-08 ڊسمبر(اي پي پي)ڀارت جي سڀ کان وڏي ايئر لائن انڊيگو تازو آپريشنل بحران کانپوءِ مسافرن کي 6 ارب 10 ڪروڙ انڊين روپين جي ريفنڊنگ ڪري ڇڏي آهي، ان کان علاوه ايئرلائين جي جهازن جي اڏامن جي وقت جي پابندي ۾ به واضح بهتري سامهون آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن 75 سيڪڙو اڏامون وقت تي روانيون ٿيون. ايئر لائن انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته 15 ڊسمبر تائين ٿيندڙ …
ڀارتي ايئر لائن انڊيگو مسافرن کي 610 ڪروڙ روپيا ريفنڊ ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
نئين دهلي-08 ڊسمبر(اي پي پي)ڀارت جي سڀ کان وڏي ايئر لائن انڊيگو تازو آپريشنل بحران کانپوءِ مسافرن کي 6 ارب 10 ڪروڙ انڊين روپين جي ريفنڊنگ ڪري ڇڏي آهي، ان کان علاوه ايئرلائين جي جهازن جي اڏامن جي وقت جي پابندي ۾ به واضح بهتري سامهون آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن 75 سيڪڙو اڏامون وقت تي روانيون ٿيون. ايئر لائن انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته 15 ڊسمبر تائين ٿيندڙ بڪنگ لاءِ اڏامون ملتوي ڪرڻ يا تاريخ بدلائڻ جي فيس نه ورتي ويندي جڏهن ته ريفنڊنگ ۽ سامان جي واپسي جو ڪم به تيزي سان جاري آهي. ڪمپني چيو آهي ته هو ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هنن سافرن کي تعاون جي اپيل ڪئي آهي. ايئر لائن جو چوڻ آهي ته هو هيستائين مسافرن کي 6 ارب 10 ڪروڙ انڊين روپين کان به وڌيڪ ريفنڊ ڪري چڪي آهي جڏهن ته ٽي هزار بيگ به انهن جي مالڪن تائين پهچايا ويا آهن.






