گڏيل قومون- 8 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سائنس ۽ ثقافت بابت اداري” يونيسڪو “ سعودي عرب جي وڌيڪ ٽن نون شهرن العلا، مدينو شريف ۽ رياض الخبر (قصيم گورنري ) کي عالمي شهرن بابت علمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو ان بعد سامهون آيو جڏهن انهن شهرن اهو سمورو عالمي معيار پورو ڪيو جنهن تحت سکڻ جي عمل کي روزانو زندگي …
سعودي عرب جا وڌيڪ شهر ” يونيسڪو نيٽ ورڪ “ ۾ شامل

مزید خبریں
گڏيل قومون- 8 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سائنس ۽ ثقافت بابت اداري” يونيسڪو “ سعودي عرب جي وڌيڪ ٽن نون شهرن العلا، مدينو شريف ۽ رياض الخبر (قصيم گورنري ) کي عالمي شهرن بابت علمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو ان بعد سامهون آيو جڏهن انهن شهرن اهو سمورو عالمي معيار پورو ڪيو جنهن تحت سکڻ جي عمل کي روزانو زندگي جو لازمي جز بڻايو ويندو آهي. ان ۾ اسڪول، آفيس، عوامي هنڌ ۽ گهرن ۾ سکڻ جي موقعن کي مربوط ڪرڻ شامل آهي. ” يونيسڪو “ مطابق نوان شامل ٿيندڙ اهي شهر سرگرم تعليمي معاشرن جي حصثيت رکن ٿا. انهن شهرن افرادي سگهه جي نئين سر تربيت ۽ مهارت ۾ اضافي لاءِ جامع موقعا فراهم ڪيا ته جيئن جديد عالمي مارڪيٽ جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي . اهڙي طرح شروعاتي مرحلي ۾ تعليم کان محروم رهجي ويل طبقي لاءِ خواندگي ۽ بنيادي مهارت کي مضبوط ڪيو ويو. انهن قدمن هر عمر جي شهرين کي جديد سهولتن خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي گهرجن مطابق پاڻ ڀرو ڪرڻ قابل بڻايو ۽ ڪاروباري فڪر کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏني . ان سان گڏ ئي سعودي عرب جا 8 شهر هاڻي ” يونيسڪو “ جي عالمي نيٽ ورڪ آف لرننگ سينٽر ۾ شامل ٿي چڪا آهن. ان ۾ الجبيل، ينبغ، مدينو شريف، الاحسا، ڪنگ عبدالله اڪنامڪ سٽي، رياض، العلا ۽ رياض الخبر شامل آهن. يونيسڪو واضع ڪيو ته ان نيٽ ورڪ جي پکيڙ ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته سعودي عرب هڪ جامع تعليمي ماڊل جوڙيو آهي جيڪو ويزن 2030ع سان هم آهنگ آهي ۽ اعلى معيار جا تعليمي مثال پيش ڪري ٿو . اهو مسلسل سکڻ جي ثقافت کي انساني ۽ معاشي ترقي جي بنياد طور مضبوط ڪري ٿو.






