بينڪاڪ-8 ڊسمبر (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي رائل ٿائي ايئر فورس ڪمبوڊيا جي هٿيار بند فوج جي ٺڪاڻن تي َفضائي حملا ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق فضائيه جي ترجمان جي آفيس مطابق اها ڪارروائي ڪمبوڊيا جي فوجي چرپر جي جواب ۾ ڪئي وئي،جنهن کي ٿائيلينڊ جي حڪومت قومي سلامتي لاءِ سڌي ريت خطرو قرار ڏنو آهي . جاري ڪيل سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمبوڊيا جي فوج …
ٿائيلينڊ جي فضائيه جا ڪمبوڊيا جي فوجي ٺڪاڻن تي حملا، سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اضافو

مزید خبریں
بينڪاڪ-8 ڊسمبر (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي رائل ٿائي ايئر فورس ڪمبوڊيا جي هٿيار بند فوج جي ٺڪاڻن تي َفضائي حملا ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق فضائيه جي ترجمان جي آفيس مطابق اها ڪارروائي ڪمبوڊيا جي فوجي چرپر جي جواب ۾ ڪئي وئي،جنهن کي ٿائيلينڊ جي حڪومت قومي سلامتي لاءِ سڌي ريت خطرو قرار ڏنو آهي . جاري ڪيل سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمبوڊيا جي فوج طرفان ڳرن هٿيارن جي مقرري ، جنگي يونٽس جي ٻيهر پوزيشننگ ۽ فائر سپورٽ عنصرن جي تياري جهڙا قدم سرحدي صورتحال ۾ خطرناڪ اضافو ڪري رهيا هئا. جنهن بعد فضائي طاقت جو استعمال ضروري قرار ڏنو ويو . ترجمان مطابق انهن ڪارروائين جو مقصد ڪمبوڊيا جي فوج جي صلاحيت کي ان حد تائين محدود ڪرڻ هو جيڪا ٿائيلينڊ جي شهرين ۽ سرحدي علائقن جي حفاظت لاءِ ضروري آهي. بيان ۾ واضع ڪيو ويو ته سمورو فضائي مشن انتهائي احتياط سان انجام ڏنو ويو آهي ۽ صرف انهن فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي سڌي ريت خطرو هئا . جن ۾ هٿيارن جا ڊپو ، ڪمانڊ مرڪز ۽ لاجسٽڪ رستا شامل آهن . ان کان اڳ ٿائيلينڊ جي زميني فوج جي سيڪنڊ آرمي ايريا اطلاع ڏنو هو ته ڪموڊيا جي فوج آچر ڏينهن ٻه ڀيرا سرحدي هنڌ تي فائرنگ ڪئي . اهي چڪريون مقامي وقت مطابق صبح جو 5 وڳي ۽ 6 وڳي ٿيون . ٿائيلينڊ جي فوج مطابق ڪمبوڊيا جي علائقي ۾ 55- T، ٽينڪن جي چر پر به ڏٺي وئي ، جڏهن ته سرحدي علائقن مان عام شهرين جي واپسي جاري آهي . خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ صورتحال وڌيڪ حساس ٿي وئي آهي ۽ علائقائي سيڪيورٽي ادارا مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن .






