آمريڪي رياست الاسڪا ۽ ڪينيڊا ۾ 7.0 شدت جو زلزلو

لاس اينجلس -07 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست الاسڪا ۽ ڪينيڊا ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت  7.0  رڪارڊ ڪئي وئي.  پرڏيهي ميڊيا موجب 7.0  شدت جي طاقتور زلزلي جا لوڏا آمريڪي رياست الاسڪا ۽ ڪينيڊا جي ياڪون واري علائقي جي سرحدي، جابلو ۽ گهٽ آبادي وارن خطن ۾ محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب جي ايم ٽي تي آيل …

لاس اينجلس -07 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست الاسڪا ۽ ڪينيڊا ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت  7.0  رڪارڊ ڪئي وئي.  پرڏيهي ميڊيا موجب 7.0  شدت جي طاقتور زلزلي جا لوڏا آمريڪي رياست الاسڪا ۽ ڪينيڊا جي ياڪون واري علائقي جي سرحدي، جابلو ۽ گهٽ آبادي وارن خطن ۾ محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب جي ايم ٽي تي آيل زلزلي کان پوءِ ايندڙ 3 ڪلاڪن ۾ 3.3 کان 5.1  شدت جي 30 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز ياڪون جي شهر وائيٽ هارس کان اٽڪل 155 ميل اولهه ۾ ۽ الاسڪا جي شهر جونو کان 230 ميل اتر اولهه ۾ هو. الاسڪا جي شهر ياڪوٽات ۾، جيڪو مرڪز ويجهو واقع آهي، پوليس چيف ٿيوڪيپس ٻڌايو ته زلزلي کان پوءِ ڪنهن به قسم جا جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

مزید خبریں