ڀارت جي شهر گوا ۾ نائيٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ سبب 25 ڄڻا فوت

ممبئي -07 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت جي سياحتي رياست گوا ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو فوت ٿي ويا.  پرڏيهي ميڊيا موجب باهه لڳڻ جو اهو واقعو سامونڊي خطي جي اترئين علائقي ارپورا ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ اڌ رات جو پيش آيو. فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ سياح به شامل هئا. گوا جي وڏي وزير  ميڊيا کي ٻڌايو ته اڄ اسان سڀني …

ممبئي -07 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت جي سياحتي رياست گوا ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو فوت ٿي ويا.  پرڏيهي ميڊيا موجب باهه لڳڻ جو اهو واقعو سامونڊي خطي جي اترئين علائقي ارپورا ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ اڌ رات جو پيش آيو. فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ سياح به شامل هئا. گوا جي وڏي وزير  ميڊيا کي ٻڌايو ته اڄ اسان سڀني لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو ڏينهن آهي. ڇاڪاڻ ته 25  ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون آهن جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. هن صحافين کي ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن ۾ 3 يا 4  سياح به  شامل آهن.

مزید خبریں