تل ابيب-05 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ملٽري سيڪريٽري ميجر جنرل رومن گوفمين کي ملڪ جي پرڏيهي انٽيليجنس ايجنسي موساد جو ايندڙ سربراهه چونڊي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس مان جاري بيان ۾ ميجر جنرل رومن گوفمين کي جاسوس اداري جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته هو موساد جي موجوده سربراهه ڊيوڊ بارنيا جي جاءِ …
اسرائيل جي وزيراعظم پنهنجي ملٽري سيڪريٽري کي موساد جو سربراهه چونڊي ورتو

مزید خبریں
تل ابيب-05 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ملٽري سيڪريٽري ميجر جنرل رومن گوفمين کي ملڪ جي پرڏيهي انٽيليجنس ايجنسي موساد جو ايندڙ سربراهه چونڊي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس مان جاري بيان ۾ ميجر جنرل رومن گوفمين کي جاسوس اداري جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته هو موساد جي موجوده سربراهه ڊيوڊ بارنيا جي جاءِ وٺندو جنهن جو5 سالن جو مدو جون 2026ع تي ختم ٿي رهيو آهي. نيتن ياهو جي آفيس مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گوفمين وڏي قابليت وارو آفيسر آهي، وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري طور جنگ دوران سندس مقرري ذريعي سندس غير معمولي پيشيوراڻي صلاحيتون ثابت ٿيون.






