واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين تڪرار آخر ڪار حل ٿي ويندو ۽ آمريڪا ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب قومي ڪرسمس ٽري لائٽنگ تقريب کان اڳ ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، صدر ٽرمپ چيو ته اسان ڪيترن ئي محاذن تي جنگين جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيو …
يوڪرين تڪرار جلد حل ٿي ويندو: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين تڪرار آخر ڪار حل ٿي ويندو ۽ آمريڪا ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب قومي ڪرسمس ٽري لائٽنگ تقريب کان اڳ ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، صدر ٽرمپ چيو ته اسان ڪيترن ئي محاذن تي جنگين جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ روس – يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ به پُراميد آهي. اسان جو مقصد ان جنگ کي روڪڻ آهي ۽ اسان ان لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. آمريڪا پهرين يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ 28 نڪاتي منصوبو پيش ڪيو هو، جڏهن ته ڪيف ۽ ان جي يورپي اتحادين ان تي خدشن جو اظهار ڪندي ان ۾ ترميم جو مطالبو ڪيو. بعد ۾ آمريڪي صدر تصديق ڪئي ته منصوبي ۾ ڦيرڦار ڪري ان کي 22 نڪتن تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽ صرف ڪجهه معاملن تي اختلاف باقي آهي. آمريڪا ۽ يوڪريني وفدن 23 نومبر تي جنيوا ۾ ۽ 30 نومبر تي فلوريڊا ۾ ڳالهيون ڪيون، جن ۾ جنگ بندي، سيڪيورٽي ۽ معاشي معاملا، چونڊن جي امڪانن ۽ علائقائي تڪرارن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آمريڪا ۾ آمريڪي امن منصوبي جي دستاويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.






