آسٽريليا جو دفاع وارو وزير رچرڊ مارلس جلد جاپان جو دورو ڪندو

ڪينبرا-05 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جو دفاع وارو وزير رچرڊ مارلس ڇنڇر ڏينهن جاپان جو دورو ڪندو ۽ پنهنجي جاپاني هم منصب سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي دفاع واري وزارت جي آفيس جمعي ڏينهن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ دفاعي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. آسٽريليا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو، جاپان جي وزير اعظم سانائي تاڪائچي جي نئين حڪومت …

ڪينبرا-05 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جو دفاع وارو وزير رچرڊ مارلس ڇنڇر ڏينهن جاپان جو دورو ڪندو ۽ پنهنجي جاپاني هم منصب سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي دفاع واري وزارت جي آفيس جمعي ڏينهن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ دفاعي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. آسٽريليا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو، جاپان جي وزير اعظم سانائي تاڪائچي جي نئين حڪومت سان شروعاتي سطح تي رابطه قائم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وٽ اسان جي خطي لاءِ گڏيل سوچ آهي ۽ وڌندڙ پيچيده عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.آسٽريليا جي دفاع واري وزير 02 ڏينهن جي دوري کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاپان سان اسان جو تعلق مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي. جيڪو ويجهي اسٽريٽجڪ هم آهنگي، گڏيل عزم ۽ تمام گهڻين صلاحيتن جي بنياد تي قائم آهي. جاپان جي دفاع واري وزير پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ان ملاقات ۾ اسان علائقائي صورتحال تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي مٽا سٽا ڪنداسين ۽ جاپان، آسٽريليا دفاعي سهڪار ۾  وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون.

مزید خبریں