سعودي عرب جي ولي عهد سان اٽلي جي وزيراعظم جي ملاقات

منامه- 04 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان اٽلي جي وزير اعظم جارجيا ميلوني بحرين جي گادي واري هنڌ منامه ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار جي رخن ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ هٿي ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ملاقات جي سي سي جي سپريم ڪائونسل …

منامه- 04 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان اٽلي جي وزير اعظم جارجيا ميلوني بحرين جي گادي واري هنڌ منامه ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار جي رخن ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ هٿي ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ملاقات جي سي سي جي سپريم ڪائونسل جي 46 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سعودي عرب جو توانائي وارو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان، دفاع وارو وزير شهزاده خالد بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، مملڪتي وزير، ڪابينه جو ميمبر ۽ قومي سلامتي جو مشير ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيبان ۽ سيڙپڪاري وارو وزير انجنيئر خالد الفالح به موجود هئا.

مزید خبریں