گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هٿيارن جي عدم پکيڙ ۽ عالمي سلامتي کي هٿي ڏيڻ بابت پاڪستان جي 4 اهم قراردادن جي منظوري

گڏيل قومون-03 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي عالمي ۽ علائقائي سطح تي امن، سلامتي ۽ هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ بابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل 4 اهم قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي ٺهراءَ جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي (ڊس آرمامينٽ اينڊ انٽرنيشنل سيڪيورٽي)جي سفارش تي پيش ڪيون ويون، جتي کين وڏي حمايت حاصل رهي. انهن مان 2 ٺهراءَ علائقائي هٿيارن جي گهٽتائي ۽ علائقائي …

گڏيل قومون-03 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي عالمي ۽ علائقائي سطح تي امن، سلامتي ۽ هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ بابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل 4 اهم قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي ٺهراءَ جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي (ڊس آرمامينٽ اينڊ انٽرنيشنل سيڪيورٽي)جي سفارش تي پيش ڪيون ويون، جتي کين وڏي حمايت حاصل رهي. انهن مان 2 ٺهراءَ علائقائي هٿيارن جي گهٽتائي ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي اعتماد سازي جي قدمن بابت ٺهراءَ ڪميٽي وانگر جنرل اسيمبلي ۾ به مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ٿيون. باقي 2 ٺهراءَ غير ايٽمي ملڪن کي ايٽمي رياستن طرفان ايٽمي حملا يا ڌمڪي کان بچائڻ لاءِ موثر عالمي انتظامن جي جوڙجڪ ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي روايتي هٿيارن جو ڪنٽرول وڏي اڪثريت سان منظور ڪيا ويا. غير ايٽمي رياستن لاءِ تحفظ بابت قرارداد جي حمايت ۾ 20 ووٽ، مخالف ۾ ڪو به ووٽ نه پيو جڏهن ته 60 ڄڻن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو، روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد جي حمايت ۾ 179 ووٽ، هڪ مخالفت ۾ پيو، مخالفت ۾ صرف ڀارت ووٽ وڌو جڏهن ته اسرائيل ۽ زمبابوي راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. پاڪستاني سفارتخاني نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ايٽمي ۽ روايتي هٿيارن جي گهٽتائي، علائقائي سلامتي ۽ اعتماد سازي جي قدمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. انهن قراردادن جي منظوري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي برادري منفي سيڪيورٽي گارنٽيز ۽ علائقائي سطح تي هٿيارن جي ڪنٽرول کي هڪجهڙي اهميت ڏي ٿي.

مزید خبریں