واشنگٽن-03 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪا قومي سلامتي ۽ عوامي تحفظ بابت خدشن جي بنياد تي 19 يورپي ملڪن جي سمورين اميگريشن درخواستن تي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته قومي سلامتي ۽ عوامي تحفظ بابت خدشن سبب مختلف 19 يورپي ملڪن مان ايندڙ پرڏيهين پاران جمع ڪرايل سمورين اميگريشن درخواستن جي پراسيسنگ روڪي وئي آهي انهن درخواستن ۾ گرين ڪارڊ ۽ آمريڪي شهريت …
آمريڪا سيڪيورٽي خدشن سبب 19 يورپي ملڪن جي شهرين جي اميگريشن جي درخواستن تي ڪارروائي روڪي ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن-03 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪا قومي سلامتي ۽ عوامي تحفظ بابت خدشن جي بنياد تي 19 يورپي ملڪن جي سمورين اميگريشن درخواستن تي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته قومي سلامتي ۽ عوامي تحفظ بابت خدشن سبب مختلف 19 يورپي ملڪن مان ايندڙ پرڏيهين پاران جمع ڪرايل سمورين اميگريشن درخواستن جي پراسيسنگ روڪي وئي آهي انهن درخواستن ۾ گرين ڪارڊ ۽ آمريڪي شهريت جون ڪارروائيون به شامل آهن. اهي پابنديون 19 ملڪن تي لاڳو ڪيون ويون آهن. انهن ملڪن ۾ افغانستان ۽ صوماليا به شامل آهي. سرڪاري ميمورينڊم ۾ واشنگٽن ۾ گذريل هفتي نيشنل گارڊ جي اهلڪارن تي ٿيل حملي جو حوالو ڏنو ويو آهي. ان واقعي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ۽ هڪ ٻيو زخمي ٿيو هيو. ميمورينڊم ۾ شامل ملڪن ۾ افغانستان، برما، چاڊ، ڪانگو، استوائي گني، هيٽي ،ايران ، لبيا ، صوماليا ، سوڊان ۽ يمن شامل آهن. انهن ملڪن تي جون ۾ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون. پابندين وارن ٻين ملڪن ۾ ڪيوبا ، لائوس، سيراليون ، ٽوگو، ترڪمانستان ۽ وينزويلا شامل آهن. نئين پاليسي تحت انهن ملڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي التوا هيٺ درخواستن تي ڪارروايون روڪيون ويون آهن. انهن جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.






