غزه ۾ سوين شديد بيمار ۽ زخمي ماڻهو طبي امداد جي انتظار ۾ فوت ٿي ويا آهن:ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز

جينوا-03 ڊسمبر (اي پي پي)ڊاڪٽرن جي عالمي تنظيم (ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز)  چيو آهي ته غزه ۾ سوين شديد بيمار ۽ زخمي ماڻهو طبي امداد جي انتظار ۾ فوت ٿي ويا آهن.  پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊر (ايم ايس ايف ) جي عهديدار هاني اسليم جنيوا ۾ (ايم ايس ايف )  جي عهديدارن هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي درخواست ڪئي …

جينوا-03 ڊسمبر (اي پي پي)ڊاڪٽرن جي عالمي تنظيم (ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز)  چيو آهي ته غزه ۾ سوين شديد بيمار ۽ زخمي ماڻهو طبي امداد جي انتظار ۾ فوت ٿي ويا آهن.  پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊر (ايم ايس ايف ) جي عهديدار هاني اسليم جنيوا ۾ (ايم ايس ايف )  جي عهديدارن هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي درخواست ڪئي آهي ته اهي غزه جي اهڙن هزارين شهرين لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏين جن کي طبي امداد لاءِ غزه مان فوري نيڪالي جي سخت ضرورت آهي. هن وقت تائين مختلف ملڪن پاران جيترن شديد بيمار ۽ زخمي فلسطينين کي قبول ڪيو ويو آهي انهن جو انگ سمنڊ مان رڳو هڪ قطري جي برابر آهي. گڏيل قومن جي صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) جي اندازي موجب 7 آڪٽوبر 2023 ع تي  شروع ٿيل جنگ کان پوءِ هن وقت تائين 8000 کان به وڌيڪ مريضن کي غزه مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي . ڊبليو ايڇ او موجب 16500 کان به وڌيڪ مريضن کي هاڻي به علاج لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مصر ۽ گڏيل عرب امارات سميت ڪجهه ٻين ملڪن وڌيڪ مريضن کي علاج لاءِ پنهنجي ملڪ اچڻ ڏنو آهي. هاني اسليم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جيئن جيئن غزه جون حالتون وڌيڪ مايوس ڪندڙ ٿينديون  پيون وڃن تيئن تيئن طبي مريضن جي منتقلي جي رفتار سست ٿي رهي آهي. شروع ۾ هر مهيني 1500 مريض علاج لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن ويندا هئا  جڏهن ته مئي 2024 ۾ اسرائيل پاران رفع ڪراسنگ کي مصر ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ اهو تعداد گهٽجي هڪ مهيني ۾ گهٽ ٿي 70 ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪنهن به مريض کي علاج تائين رسائي لاءِ غزه ڇڏڻ کان نه روڪڻ گهرجي.

مزید خبریں