ڪولمبو - 03 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ڊامواه سبب فوتين جو انگ وڌي 474 ٿي ويو آھي، جڏھن ته 356 ماڻھو ھيستائين لاپته آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڊزاسٽر مينيجمينٽ سينٽر (ڊي ايم سي) ٻڌايو ته ڊامواه طوفان سبب 4 لک 48 ھزار 817 خاندانن سان تعلق رکندڙ 15 لک 80 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن. 971 گھر مڪمل طور تباھه ٿي ويا آھن جڏھن …
سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب فوتين جو انگ وڌي 474 ٿي ويو، 356 ڄڻا لاپته

مزید خبریں
ڪولمبو – 03 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ڊامواه سبب فوتين جو انگ وڌي 474 ٿي ويو آھي، جڏھن ته 356 ماڻھو ھيستائين لاپته آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڊزاسٽر مينيجمينٽ سينٽر (ڊي ايم سي) ٻڌايو ته ڊامواه طوفان سبب 4 لک 48 ھزار 817 خاندانن سان تعلق رکندڙ 15 لک 80 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن. 971 گھر مڪمل طور تباھه ٿي ويا آھن جڏھن ته 40 ھزار کان وڌيڪ گھرن کي نقصان پھتو آھي. سريلنڪا جي نيشنل بلڊنگ ريسرچ آرگنائزيشن 7 ضلعن ۾ 215 شديد مٽي جون ڇپون ڪرڻ جو اطلاع آھي. ماھرن مطابق خبردار ڪرڻ باوجود ڪجھه رھواسين جو گھرن مان نه نڪرڻ فوتگين ۾ اضافي جو سبب بڻيو.






