مخصوص ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي تي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو پيغام

پشاور -03 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته مخصوص ماڻهو معاشري جي خاص ڌيان جا طلبگار آهن. معذور ماڻهن جي حقن جو تحفظ قومي ذميواري آهي. انهن جو خيالن جو اظهار هن مخصوص ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر  فيصل ڪريم ڪندي چيو ته معاشري ۾ مخصوص ماڻهن جي مدد …

پشاور -03 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته مخصوص ماڻهو معاشري جي خاص ڌيان جا طلبگار آهن. معذور ماڻهن جي حقن جو تحفظ قومي ذميواري آهي. انهن جو خيالن جو اظهار هن مخصوص ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر  فيصل ڪريم ڪندي چيو ته معاشري ۾ مخصوص ماڻهن جي مدد ۽ انهن کي باوقار شهري بنائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري اهي. سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن کي مڪمل موقعا فراهم هئڻ گهرجن. هن چيو ته اسلام ۾ مخصوص ماڻهن جي ڀلائي جا واضح حڪم موجود آهن. مخصوص ماڻهو سمورن شعبن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن هن چيو ته معاشري جي مڪمل ڌيان ۽ محبت سان معذور ماڻهن جي زندگين ۾ تبديليون آڻي سگهجن ٿيون.

مزید خبریں