واشنگٽن -03 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ قائم خالصتان نواز تنظيم سکس فار جسٽس چيو آهي، ته ڪينيڊا ۾ مقرر هڪ ڀارتي سفارتڪار خالصتان ريفرنڊم جي منتظم اندر جيت سنگهه گوسال جي قتل لاءِ 50 هزار ڊالر جي رقم هڪ هٽ مين (ڪرائي جي قاتل) کي ڏني. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ايس ايف جي بيان ۾ چيو ته ڪينيڊيان سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ايجنسيون قتل جي ان منصوبي کان واقف …
ڪينيڊا ۾ ڀارتي سفارتڪار خالصتان ريفرنڊم جي منتظم کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪرائي جي قاتل کي رقم ڏني: سکس فارجسٽس

مزید خبریں
واشنگٽن -03 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ قائم خالصتان نواز تنظيم سکس فار جسٽس چيو آهي، ته ڪينيڊا ۾ مقرر هڪ ڀارتي سفارتڪار خالصتان ريفرنڊم جي منتظم اندر جيت سنگهه گوسال جي قتل لاءِ 50 هزار ڊالر جي رقم هڪ هٽ مين (ڪرائي جي قاتل) کي ڏني. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ايس ايف جي بيان ۾ چيو ته ڪينيڊيان سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ايجنسيون قتل جي ان منصوبي کان واقف هيون ۽ رائل ڪينيڊيان مائونٽڊ پوليس اندر جيت سنگهه کي جان جي خطري کي نظر ۾ رکندي ئي تازو سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي آڇ ڪئي آهي. ايس ايف جي جي جنرل ڪائونسل گروپتونت سنگهه پنون چيو ته تنظيم اهي تفصيل ان لاءِ سامهون آڻي رهي آهي ته جيئن ڪينيڊا ۾ سک ڪارڪن هرديپ سنگهه نجر جي قتل جهڙو هڪ ٻيو واقعو پيش نه اچي.






