روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان آمريڪي ايلچي جي ملاقات اڱاري تي ٿيندي: روس جو ترجمان

ماسڪو-01 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان آمريڪا جي خصوصي صدارتي ايلچي اسٽيووٽڪوف جي ملاقات اڱاري تي ٻنپهرن جو ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف سومر ڏينهن ميڊيا کي ٻڌائي. هن چيو ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ اسٽيووٽڪوف وچ ۾ ملاقات 2 ڊسمبر تي ٻنپهرن جو ٿيڻ واري آهي.ترجمان ٻڌايو ته روس جي صدر ان ملاقات جي …

ماسڪو-01 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان آمريڪا جي خصوصي صدارتي ايلچي اسٽيووٽڪوف جي ملاقات اڱاري تي ٻنپهرن جو ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف سومر ڏينهن ميڊيا کي ٻڌائي. هن چيو ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ اسٽيووٽڪوف وچ ۾ ملاقات 2 ڊسمبر تي ٻنپهرن جو ٿيڻ واري آهي.ترجمان ٻڌايو ته روس جي صدر ان ملاقات جي ڏس ۾ روس آمريڪا رابطن جي تياري لاءِ اجلاس به ڪيا. ان کان اڳ عالمي ميڊيا ۾ اطلاع ڏنو هو ته اسٽيووٽڪوف ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر يوڪرين بحران جي حل لاءِ  ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي ارادي سان ماسڪو ويندا.

مزید خبریں