ٽوڪيو- 01 ڊسمبر (اي پي پي) جاپان جي اترئين علائقي هوڪائيڊو جي شهر موروران ۾ نپون اسٽيل جي ڪارخاني ۾ گذريل صبح زوردار ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن سان فيڪٽري ۾ ڪنڪريٽ جا ٽڪڙا پکڙجي ويا ۽ وڏي پيماني تي نقصان ٿيو. پرڏيهي ميڊيا فائر برگيڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪارخاني جي ويجهو رهندڙ شهرين رات جي وقت 12 لڳي 55 منٽن تي هنگامي ڪال ڪئي ۽ پنهنجي …
جاپان جي نپون اسٽيل جي ڪارخاني ۾ زوردار ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي

مزید خبریں
ٽوڪيو- 01 ڊسمبر (اي پي پي) جاپان جي اترئين علائقي هوڪائيڊو جي شهر موروران ۾ نپون اسٽيل جي ڪارخاني ۾ گذريل صبح زوردار ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن سان فيڪٽري ۾ ڪنڪريٽ جا ٽڪڙا پکڙجي ويا ۽ وڏي پيماني تي نقصان ٿيو. پرڏيهي ميڊيا فائر برگيڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪارخاني جي ويجهو رهندڙ شهرين رات جي وقت 12 لڳي 55 منٽن تي هنگامي ڪال ڪئي ۽ پنهنجي گهرن ۾ شديد لوڏن ۽ فيڪٽري ۾ باهه جو اطلاع ڏنو. ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ته خبر پئي ته فيڪٽري ۾ موجود هاٽ بلاسٽ اسٽوو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪاخاني اندر باهه جو واقعو پيش آيو. اختيارين موجب ڌماڪي جي وقت فيڪٽري ۾ موجود سمورن ڏهن ڪارڪنن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان رپورٽ ناهي ٿيو. باهه ڪيترائي ڪلاڪ شديد رهي ۽ فائر فائيٽنگ آپريشن لڳاتار جاري رهيو. نپون اسٽيل پنهنجون سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، اوزار، مشينري ۽ سپلائي چين تي امڪاني اثرن جو جائزو وٺي رهي آهي، ڌماڪي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو.






