ڪراڪس- 30 نومبر (اي پي پي) وينزويلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هن وينز ويلا خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وينز ويلا جو چوڻ آهي ته سندس هوائي دائرو مڪمل طور تي بند سمجهڻ گهرجي. وينزويلا جي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ آمريڪا کي نوآبادياتي خطرو قرار ڏيندي چيو آهي، ته سندن ملڪ ان نوآبادياتي خطري جي …
پرڏيهي ڌمڪيون قبول ناهن، پنهنجي هوائي حدن جو دفاع ڪنداسين: وينز ويلا

مزید خبریں
ڪراڪس- 30 نومبر (اي پي پي) وينزويلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هن وينز ويلا خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وينز ويلا جو چوڻ آهي ته سندس هوائي دائرو مڪمل طور تي بند سمجهڻ گهرجي. وينزويلا جي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ آمريڪا کي نوآبادياتي خطرو قرار ڏيندي چيو آهي، ته سندن ملڪ ان نوآبادياتي خطري جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪو سندس هوائي حدن جي خودمختياري کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو هڪ نئون چڙ ڏياريندڙ، غيرقانوني ۽ بنا جواز حملو آهي جيڪو وينز ويلا جي عوام خلاف آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو اعلان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن آمريڪا سامونڊي ڪيريبين جي علائقن ۾ وسيع پئماني تي آمريڪي فوج موڪلي وينزويلا تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي. وينز ويلا جي حڪومت چيو آهي، ته ٽرمپ جو بيان لاطيني آمريڪا خلاف نو آبادياتي رجحان ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پرڏيهه مان ڪنهن به ڊڪٽيشن کي قبول نه ڪندو، اسان جي هوائي حدن جو احترام ضروري آهي ۽ ڪنهن به پرڏيهي خطري کي قبول نه ڪيو ويندو.






