واشنگٽن-28 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل نيشنل گارڊ جي ٻن اهلڪارن مان هڪ ساره بيڪ اسٽارم فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻيو اهلڪار زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهلڪار جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته ساره بيڪ اسٽارم احترام جوڳي، جوان ۽ بهترين انسان هئي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ٿينڪس …
وائيٽ هائوس ويجهو فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نيشنل گارڊز جي عورت اهلڪار فوت

مزید خبریں
واشنگٽن-28 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل نيشنل گارڊ جي ٻن اهلڪارن مان هڪ ساره بيڪ اسٽارم فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻيو اهلڪار زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهلڪار جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته ساره بيڪ اسٽارم احترام جوڳي، جوان ۽ بهترين انسان هئي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ٿينڪس گونگ جي موقعي تي آمريڪي فوجين کي وڊيو ڪال تي خطاب کان ڪجهه دير اڳ کيس ساره بيڪ اسٽارم جي موت جي خبر ملي، فوجين کي خطاب ۾ صدر چيو ته نيشنل گارڊ جو ٻيو اهلڪار پنهنجي زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان واقعي جي رد عمل ۾ جمعي ڏينهن ٽرمپ انتطاميه افغانستان سميت 18 ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ مستقل رهائشي يا گرين گارڊ هولڊرز جي اميگريشن اسٽيٽس جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حڪم نامي تحت افغانستان سميت 12 ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.






