گڏيل قومن پاران اولهه آفريڪي ملڪ گني بسا ۾ فوجي بغاوت تي ڳڻتي جو اظهار

نيويارڪ-28نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اولهه آفريقي ملڪ گني بسا ۾ فوجي بغاوت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ آئيني نظام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش جي به مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل واضح ڪيو آهي ته 23 نومبر جي عام چونڊن ۾ عوام طرفان پرامن طور تي ڏنل مينيڊيٽ کي …

نيويارڪ-28نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اولهه آفريقي ملڪ گني بسا ۾ فوجي بغاوت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ آئيني نظام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش جي به مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل واضح ڪيو آهي ته 23 نومبر جي عام چونڊن ۾ عوام طرفان پرامن طور تي ڏنل مينيڊيٽ کي نظرانداز ڪرڻ جمهوري اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳي ناهي. هن فوري ۽ بنا شرط جي آئيني نظام جي بحالي ۽ سمورن گرفتار ٿيل عملدارن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. سيڪريٽري جنرل سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو صبر جو مظاهرو ڪن، جمهوري ادارن ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام ڪن ۽ عوام جي فيصلي کي مڃين. انتونيوگوتريش چيو ته تڪرارن کي پرامن، جامع ڳالهين ۽ قانوني طريقن ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، هن اولهه آفريقي ملڪن جي اقتصادي برادري (ايڪوواس)، آفريقي يونين ۽ ويسٽ آفريقن ايلڊرز فورم جي جمهوريت جي تحفظ ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. واضح رهي ته گذريل اربع تي گني بسا جي هٿياربند فوج قومي ٽيلي ويزن تي اعلان ڪيو هو ته ڪجهه سياسي حلقن طرفان عدم استحڪام جي مبينه ڪوششن کي نظر ۾ رکندي هن رياستي اختيار سنڀالي ورتو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن هڪ سينئر فوجي آفيسر هڪ سال جي عبوري مدي لاءِ صدر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.

مزید خبریں