اسرائيلي فوج اولهه ڪناري ۾ 2 فلسطينين کي هٿيار اڇلائڻ باوجود فائرنگ ڪري  شهيد ڪري ڇڏيو

 والاريل بيت المقدس 28 نومبر (اي پي پي ) اسرائيلي فوج اولهه ڪناري جي شهر جنين ۾ 2 فلسطينين کي هٿيار اڇلائڻ باوجود فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو .پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطيني اٿارٽي ٻڌايو ته اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن جنين ۾ 37 سالن جي يوسف علي اسعاسه ۽ 26 سالن جي المنتصر بالله محمود عبدالله کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو . فلسطيني اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ٻنهي ماڻهن کي …

 والاريل بيت المقدس 28 نومبر (اي پي پي ) اسرائيلي فوج اولهه ڪناري جي شهر جنين ۾ 2 فلسطينين کي هٿيار اڇلائڻ باوجود فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو .پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطيني اٿارٽي ٻڌايو ته اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن جنين ۾ 37 سالن جي يوسف علي اسعاسه ۽ 26 سالن جي المنتصر بالله محمود عبدالله کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو . فلسطيني اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ٻنهي ماڻهن کي بيدردي سان  قتل  ڪيو ويو آهي ۽ ان واقعي جي مذمت ڪندي ان کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو . ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا ۽ مختلف ٽي وي چينلن تي ڏيکاري وئي، جنهن ۾ ٻنهي نوجوانن کي پنهنجن هٿيارن سان ٻاهر ايندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن بعد هو هٿ آسمان طرف ڪري زمين تي ويهي رهيا پر اسرائيلي فوج کين عمارت ۾ واپس موڪلڻ بدران فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں