تيل پائپ لائن معاهدي جي مخالفت تان ڪينيڊا جي سرڪاري ٻولي واري وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اوٽاوا-28 نومبر (اي پي پي ) ڪينيڊا جي ٻولين واري وزير اسٽيون گوئيل بيلوٽ تيل پائپ لائن معاهدي جي مخالفت ڪندي وزيراعظم مارڪني جي ڪابينه کي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق  سندس استعيفيٰ گذريل ڏينهن ان وقت سامهون آئي جڏهن وفاقي حڪومت ۽ تيل پيدا ڪندڙ صوبي البرٽا  نجي شعبي تحت نئين پائپ لائن جي منصوبي تي اتفاق ڪيو. جيڪو گهٽ ڪاربن اخراج واري بيٽومن (تارڪول ) کي روزانو 10 …

اوٽاوا-28 نومبر (اي پي پي ) ڪينيڊا جي ٻولين واري وزير اسٽيون گوئيل بيلوٽ تيل پائپ لائن معاهدي جي مخالفت ڪندي وزيراعظم مارڪني جي ڪابينه کي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق  سندس استعيفيٰ گذريل ڏينهن ان وقت سامهون آئي جڏهن وفاقي حڪومت ۽ تيل پيدا ڪندڙ صوبي البرٽا  نجي شعبي تحت نئين پائپ لائن جي منصوبي تي اتفاق ڪيو. جيڪو گهٽ ڪاربن اخراج واري بيٽومن (تارڪول ) کي روزانو 10 لک بيرل تائين منتقل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اسٽيون گوئيل بيولٽ مئي مهيني کان وزيراعظم مارڪ ڪارني جي حڪومت ۾ سرڪاري ٻولي بابت وزير ۽ مارچ کان ثقافت ۽ سڃاڻپ جي وزير طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو. ان کان اڳ هو ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين سميت مختلف وزارتن تي مقرر رهي چڪو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته مان انهن ماڻهن مان آهيان جن جي ويجهو ماحولياتي مسئلا هميشه اولين ترجيع رهڻ گهرجن ان لاءِ وفاقي حڪومت ۽ البراٽا جي حڪومت وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمت جي سخت مخالفت ڪيان ٿو . معاهدي تحت وفاقي حڪومت تصديق ڪئي ته پائپ لائن اسٽريٽجڪ گهري پاڻي جي بندرگاهه ذريعي بيوٽومن کي ايشيائي مارڪيٽن تائين روانگي واپار ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪندي.

مزید خبریں