آمريڪا طرفان ايندڙ جي – 20 سمٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي دعوت نه ڏيڻ، امداد ۽ سبسڊيز فوري معطل ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن-27 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايندڙ سال ميامي فلوريڊا ۾ ٿيندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ ڏکڻ آفريقا کي دعوت نه ڏيندو ۽ ملڪ لاءِ سموري آمريڪي امداد فوري طور بند ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته منهنجي هدايت تي ڏکڻ آفريقا کي 2026ع جي -20 لاءِ دعوت نامو نه موڪليو ويندو، جيڪا …

واشنگٽن-27 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايندڙ سال ميامي فلوريڊا ۾ ٿيندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ ڏکڻ آفريقا کي دعوت نه ڏيندو ۽ ملڪ لاءِ سموري آمريڪي امداد فوري طور بند ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته منهنجي هدايت تي ڏکڻ آفريقا کي 2026ع جي -20 لاءِ دعوت نامو نه موڪليو ويندو، جيڪا ايندڙ سال ميامي جي عظيم شهر ۾ منعقد ٿيندي. هن  وڌيڪ چيو ته آمريڪا فوري طور تي ان کي ڏنل سموريون ادائيگيون ۽ سبسڊيز روڪي ڇڏيندو، واضح رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا اها دعويٰ ڪئي آهي ته ڏکڻ آَفريقا ۾ اڇي نسل سان تعلق رکندڙ شهرين کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن زمينن کي ضبط ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا جي حڪومت انهن دعوائن کي ڪيترائي ڀيرا رد ڪري چڪي آهي.

مزید خبریں