ارجنٽائن پاران آءِ اي اي اي جو سربراهه رافيل گروسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ باضابطه اميدوار نامزد

بيونس آئرس-27 نومبر (اي پي پي) ارجنٽائن انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي کي گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ باضابطه اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ارجنٽائن رافيل گروسي کي گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل لاءِ باضابطه طور تي نامزد ڪيو آهي. ارجنٽائن جي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته جمهوريه ارجنٽائن کي اهو اعزاز حاصل آهي …

بيونس آئرس-27 نومبر (اي پي پي) ارجنٽائن انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي کي گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ باضابطه اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ارجنٽائن رافيل گروسي کي گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل لاءِ باضابطه طور تي نامزد ڪيو آهي. ارجنٽائن جي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته جمهوريه ارجنٽائن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن سال 2031-2027ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي رافيل گروسي کي اميدوار طور پيش ڪري رهي آهي، هن تڪرارن ۽ سنگين عالمي بحرانن جي دوران سياسي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو جيڪو کيس ان عهدي لاءِ موزون اميدوار بڻائي ٿو.

مزید خبریں