سوئٽزرلينڊ پاران غزه لاءِ امداد ۾ اضافي جو اعلان

سوئٽزرلينڊ-27 نومبر (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ غزه لاءِ امداد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئس حڪومت غزه بابت پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي ته هو غزه جي بي گهر جنگ سٽيل فلسطينين لاءِ امدادي رقم 28.5 ملين ڊالرز ڪري رهي آهي، ته جيئن امن لاءِ آمريڪي منصوبي کي اڳتي وڌائي سگهجي. ان اعلان کانپوءِ سوئس حڪومت طرفان غزه لاءِ آڪٽوبر 2023ع کان هن وقت تائين ڪل امدادي …

سوئٽزرلينڊ-27 نومبر (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ غزه لاءِ امداد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئس حڪومت غزه بابت پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي ته هو غزه جي بي گهر جنگ سٽيل فلسطينين لاءِ امدادي رقم 28.5 ملين ڊالرز ڪري رهي آهي، ته جيئن امن لاءِ آمريڪي منصوبي کي اڳتي وڌائي سگهجي. ان اعلان کانپوءِ سوئس حڪومت طرفان غزه لاءِ آڪٽوبر 2023ع کان هن وقت تائين ڪل امدادي سطح 150 ملين سوئس فرانڪ ٿي ويندي. ان اعلان موجب سوئس فيڊرل ڪائونسل 17.5 ملين انساني بنيادين تي امداد ٻارن جي ضرورتن لاءِ جاري ڪندو، جڏهن ته 5.5 ملين سوئس فرانڪ امداد فلسطيني ادارن لاءِ ڏني ويندي.

مزید خبریں