بيروت-27 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن جي معاملن بابت اداري يونيسيف لبنان ۾ جنگ بندي جي سنگين خلاف ورزين ۽ بار بار لبنان ۾ ڪيل اسرائيلي بمباري جي حوالي سان چيو ته جنگ بندي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ باوجود لبنان ۾ ٻار سنگين خطرن جي ور چڙهيل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسيف جي لبنان لاءِ ذميوار هاڻوڪن ڏينهن ۾ ٻارن تي به ٿيل تازي بمباري جي …
لبنان ۾ جنگ بندي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ باوجود ٻار انتهائي خطرن جي ور چڙهيل آهن: يونيسيف

مزید خبریں
بيروت-27 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن جي معاملن بابت اداري يونيسيف لبنان ۾ جنگ بندي جي سنگين خلاف ورزين ۽ بار بار لبنان ۾ ڪيل اسرائيلي بمباري جي حوالي سان چيو ته جنگ بندي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ باوجود لبنان ۾ ٻار سنگين خطرن جي ور چڙهيل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسيف جي لبنان لاءِ ذميوار هاڻوڪن ڏينهن ۾ ٻارن تي به ٿيل تازي بمباري جي باري ۾ پنهنجي بيان ۾ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ان افسوسناڪ واقعن دوران 13 ٻار فوت ۽ 146 زخمي ٿيا آهن. ياد رهي ته هي انگ اکر لبناني صحت واري وزارت جا به تصديق ٿيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري لبنان ۾ ٻار هاڻي به تشدد ۽ خوف جو شڪار آهن، ايستائين جو ٻارن لاءِ اهي خطرا جنگ بندي باوجود جاري آهن. اسان ان جي اميد نٿا ڪريون، اهي قبولڻ جوڳا ناهن، ڇاڪاڻ ته هر ٻار جو تحفظ ڪرڻ سندن حق آهي. واضح رهي ته لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ گذريل سال 27 نومبر تي جنگ بندي جو معاهدو ٿيو هو،پر اسرائيل ان عرصي دوران به لبنان جي مختلف علائقن تي آزاداڻي بمباري جو سلسلو جاري رکيو آهي. اهڙي طرح اسرائيل 5 مختلف لبناني پوزيشنن تي پنهنجو قبضو اڃان تائين ختم ناهي ڪيو. ٻئي طرف حزب الله به پاڻ کي هٿيارن تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن حالتن ۾ يونيسيف جي لبنان لاءِ ذميوار قرار ڏنو آهي ته لبنان جا ٻار اڄ به تحفظ کان گهڻو پري آهن.






