ڊونلڊ ٽرمپ سوڊان جنگ روڪرائي، سوڊان جي آرمي چيف جو آمريڪي صدر کان مطالبو

خرطوم-27 نومبر (اي پي پي) سوڊان جي فوج جي سربراهه عبدالفتاح البرهان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سوڊان ۾ جاري جنگ روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب سوڊان جي آرمي چيف چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ئي اهو اڳواڻ آهي جن تي سوڊان جا ماڻهو متفق ٿي سگهن ٿا ۽ ٽرمپ ئي اهڙو فيصلائتو ۽ سڌي ريت ڪردار ادا ڪري ان ٽڪراءُ کي …

خرطوم-27 نومبر (اي پي پي) سوڊان جي فوج جي سربراهه عبدالفتاح البرهان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سوڊان ۾ جاري جنگ روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب سوڊان جي آرمي چيف چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ئي اهو اڳواڻ آهي جن تي سوڊان جا ماڻهو متفق ٿي سگهن ٿا ۽ ٽرمپ ئي اهڙو فيصلائتو ۽ سڌي ريت ڪردار ادا ڪري ان ٽڪراءُ کي روڪرائي سگهي ٿو ته جيئن اسان جون جاري پريشانيون ختم ٿي سگهن. سوڊان جي آرمي چيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوڊان جي خودمختيار رياست پنهنجي ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان ڪائونسل ڪشي ڪندڙ مليشيا جي ڏاڍ ۽ ظلم کان بچي سگهن جيڪي اسان جي هر قبيلي کي تباهه ڪري رهي آهي، ان جي حڪومت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويندو آهي. ياد رهي ته  سوڊان جي علائقي دار فور ۾ نسل ڪشي جاري آهي. آرمي چيف البرهان جنهن حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ان کي عالمي سطح تي مڃتا حاصل آهي. اهڙي ريت آمريڪا سوڊان جي فوج خلاف وڙهندڙ آر ايس ايف کي نسل ڪشي جو جوابدار قرار ڏنو هو.

مزید خبریں