مناما/اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي ناڻي ۽ قومي معيشت جي وزير شيخ سلمان بن خليفه الخليفه سان ملاقات ڪئي. هن اها ملاقات وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بحرين جي سرڪاري دوري دوران ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب انهن اقتصادي تعاون خاص طور تي فن ٽيڪ ۽ بينڪنگ جي شعبن خاص طور تي ڌيان ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بحرين جي ناڻي ۽ قومي معيشت جي وزير شيخ سلمان بن خليفه الخليفه سان ملاقات

مزید خبریں
مناما/اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي ناڻي ۽ قومي معيشت جي وزير شيخ سلمان بن خليفه الخليفه سان ملاقات ڪئي. هن اها ملاقات وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بحرين جي سرڪاري دوري دوران ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب انهن اقتصادي تعاون خاص طور تي فن ٽيڪ ۽ بينڪنگ جي شعبن خاص طور تي ڌيان ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هُنن مرڪزي بينڪ جي تعاون ۽ بهتر اقتصادي ڀائيواري جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي خاطر گڏيل ٽيمُون قائم ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.






