پشاور-26 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، فتنه الخوارج خلاف آپريشن، صوبائي حقن جهڙن اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته …
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور-26 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، فتنه الخوارج خلاف آپريشن، صوبائي حقن جهڙن اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته امن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، صوبي ۾ امن لاءِ وفاق جو تعاون انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبي جي حقن لاءِ خيبر پختونخوا جي سموري سياسي جماعتن ۽ پارليامنٽ ۾ موجود ميمبرن کي سياسي وابستگي سان مٿانهون ٿي صوبي جي مفاد لاءِ متحد ٿيڻو پوندو.











