لاڙڪاڻو ۾ اڻڄاتل هٿيابندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل

لاڙڪاڻو-26 نومبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ جي ٻن مُختلف واقعن ۾ ڄڻا قتل ٿي ويا. لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ست نمبر ناڪي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن مبينا طور تي پکو جي رهواسي ڪار ۾ سوار نوجوان حضور بخش مغيري تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس ۽ علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر …

لاڙڪاڻو-26 نومبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ جي ٻن مُختلف واقعن ۾ ڄڻا قتل ٿي ويا. لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ست نمبر ناڪي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن مبينا طور تي پکو جي رهواسي ڪار ۾ سوار نوجوان حضور بخش مغيري تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس ۽ علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي وليد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب فائرنگ ڪندڙ هٿياربند ويگو گاڏي تي سوار هئا، جيڪي پکو واسي ڪار سوار حضور بخش مغيري مٿان فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، پر نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف زخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون. جڏهن ته هڪ ٻئي واقعي ۾ ڌامراهه شهر ۾ مبينا طور هٿياربند گوليون هڻي 22 سالن جي نوجوان علي رضا ڌامراهه کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ زخمي کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، جڏهن ته گذريل رات دير سان هٿياربندن اسان جي نوجوان علي رضا ڌامراهه کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

مزید خبریں