گڏيل قومون- 26 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ عالمي عزم جي تجديد تي ٻڌل قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پاڪستان انساني اسمگلنگ جي بنيادي سببن خاص ڪري معاشي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. 193 رڪني جنرل اسيمبلي طرفان منظور ڪيل 2025ع پوليٽيڪل ڊڪلريشن براءِ نفاذ گلوبل پلان آف ايڪشن ٽو ڪمبيٽ ٽريفيڪنگ ان پرسنز …
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ٺهراءَ منظور

مزید خبریں
گڏيل قومون- 26 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ عالمي عزم جي تجديد تي ٻڌل قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پاڪستان انساني اسمگلنگ جي بنيادي سببن خاص ڪري معاشي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. 193 رڪني جنرل اسيمبلي طرفان منظور ڪيل 2025ع پوليٽيڪل ڊڪلريشن براءِ نفاذ گلوبل پلان آف ايڪشن ٽو ڪمبيٽ ٽريفيڪنگ ان پرسنز جي عنوان سان قرارداد ۾ انساني اسمگلنگ جي شديد مذمت ڪئي وئي. قرارداد موجب اهو ڏوهه نه رڳو سنگين نوعيت رکي ٿو پر انساني وقار تي شديد حملو پڻ آهي. جنرل اسيمبلي ان عزم جو اظهار ڪيو ته انساني اسمگلنگ جي بنيادي سببن خلاف خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي حوالي سان ڪوششون تيز ڪيون وڃن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انساني اسمگلنگ سڄي دنيا جي معاشرن ۽ ماڻهن کي متاثر ڪري رهي آهي، جڏهن ته هٿياربند تڪرار، ماحولياتي آفتون ۽ معاشي اڻبرابري ان مسئلي کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي. هن خاص طور تي ان ڳڻتي واري رجحان جي نشاندهي ڪئي ته ٻارن جو وڏو انگ ان ڏوهه جو شڪار بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو هڪ ئي وقت ماڻهن جي چرپر لاءِ روانگي جي ذريعي، گذرگاهه ۽ ميزبان ملڪ جي حيثيت رکي ٿو ان لاءِ پاڪستان لاءِ هي مسئلو غير معمولي اهميت رکي ٿو. پاڪستاني نمائندي زور ڀريندي چيو ته اسان ان مسئلي جي بنيادي سببن کي روڪڻ، خاص طور تي معاشي اڻبرابري، قانوني ۽ محفوظ لڏپلاڻ جي محدود رستن ۽ تڪرارن جي حل ۽ ازالي جي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريون ٿا. هن چيو ته سخت ويزا پاليسين ۽ بارڊر ڪنٽرول جي سخت قدمن سان ان چئلينج جي شدت ۾ اضافو ٿيندو ۽ وڌيڪ ماڻهن کي انساني اسمگلرز جو آسان شڪار بڻائڻ جو سبب بڻجندو. هن جنرل اسيمبلي کي ٻڌايو ته پاڪستان انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس 2 نقاطي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي جنهن تحت هڪ طرف ملڪ اندر قانوني ۽ انتظامي قدم مضبوط ڪيا پيا وڃن ۽ ٻئي پاسي عالمي تعاون ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن انساني اسمگلرز خلاف ڪارروائي ممڪن ٿي سگهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته چئلينجز باوجود پاڪستان انساني اسمگلنگ خلاف پنهنجي عزم تي قائم آهي ۽ حڪومت عالمي برادري سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جوخواهشمند آهي.






