ڪراچي- 26 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي - سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين کي سنڌ حڪومت جا اهم ھدف قرار ڏيندي عالمي بينڪ کان ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين لاءِ سھڪار جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي - سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبا سنڌ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا، سنڌ حڪومت چاهي …
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان عالمي بئنڪ جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 26 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي – سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين کي سنڌ حڪومت جا اهم ھدف قرار ڏيندي عالمي بينڪ کان ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين لاءِ سھڪار جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي – سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبا سنڌ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عالمي بينڪ انهن رٿائن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن عالمي بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ڪراچي ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ صوبي ۾ شهري چر پر جي بهتري، ٽرانسپورٽ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف ماڊلز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي عالمي بينڪ جي سهڪار سان تيار ٿيندڙ يلو لائن بي آر ٽي رٿا ۾ اڳڀرائي بابت آگاھي ڏني. هن چيو ته يلو لائن جي اهم حصي تاج حيدر پل جي هڪ حصي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ٻئي حصي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، يلو لائن بي آر ٽي سان لاڳاپيل فيصلا عوام ۽ رٿا جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته رٿا کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ عالمي بينڪ کان وقت سر سھڪار جي ضرورت آهي ۽ ماڻهن کي سستي ۽ تيز ترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جو واضح عزم آهي. هن چيو ته ھلندڙ سال وفاقي حڪومت پاران گرين لائن بي آر ٽي جو آپريشن سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران منظم ڪيل گرين لائن بي آر ٽي جي روزاني سواري ۾ 33 ہزار جو اضافو ٿيو آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ شهري چر پر لاءِ وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي ۽ هن شعبي ۾ عالمي بينڪ جي مدد اهم ٿي سگهي ٿي. عالمي بينڪ جو سھڪار نه رڳو يلو لائن بي آر ٽي لاءِ پر مستقبل جي ٽرانسپورٽ منصوبن ۾ به گهربل آهي. عالمي بينڪ جي وفد ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪئي ۽ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کان درخواست ڪئي ته هو ريلوي جي بھتري منصوبن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. عالمي بينڪ جي وفد چيو ته ڪراچي خطي جو هڪ اهم شهر آهي، ڪراچي وچ ايشيا تائين پهچ لاءِ هڪ اهم مقام رکي ٿو.











