گڏيل قومن نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ عمل جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي

گڏيل قومون -26 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جي باضابطا شروع ٿي وئي، جڏهن ته ميمبر ملڪن کي پهرين جنوري 2027ع کان عهدو سنڀاليندڙ اميدوارن جي نامزدگي جي دعوت ڏني وئي. سلامتي ڪائونسل جي موجوده صدر ۽ سيراليون جي سفير مائيڪل عمران ڪانو ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر اينالينا بيربوڪ طرفان جاري گڏيل خط ذريعي نامزدگين جي درخواست ڪئي وئي، جنهن سان گڏ ئي …

گڏيل قومون -26 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جي باضابطا شروع ٿي وئي، جڏهن ته ميمبر ملڪن کي پهرين جنوري 2027ع کان عهدو سنڀاليندڙ اميدوارن جي نامزدگي جي دعوت ڏني وئي. سلامتي ڪائونسل جي موجوده صدر ۽ سيراليون جي سفير مائيڪل عمران ڪانو ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر اينالينا بيربوڪ طرفان جاري گڏيل خط ذريعي نامزدگين جي درخواست ڪئي وئي، جنهن سان گڏ ئي انتونيو گوتريش جي امڪاني جانشين جي چونڊ ڊوڙ شروع ٿي ويندي. جنرل اسيمبلي جي صدر بيربوڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي چونڊ ان ڳالهه جو مضبوط پيغام ڏيندي ته گڏيل قومن طور اسان ڪير آهيون ۽ ڇا واقعي دنيا جي سمورن ماڻهن جي خدمت ڪندا آهيون. چونڊ عمل ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهندو ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ ڪيترن ئي مرحلن جي راءِ کان پوءِ 15 ميمبرن واري ڪائونسل ڪنهن هڪ اميدوار جي نالي جي منظوري ڏيندي، جنهن کي حتمي توثيق لاءِ جنرل اسيمبلي سامهون پيش ڪيو ويندو. گڏيل خط ۾ چيو ويو آهي، ته سيڪريٽري جنرل جو عهدو نهايت اهميت وارو آهي ۽ ان لاءِ انتهائي اعليٰ ڪارڪردگي، قابليت، ديانتداري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان مضبوط وابستگي ضروري آهي. ڪيترن ئي ملڪن هن ڀيري عورت جي چونڊ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي قيادت پنهنجي خط ۾ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ تائين ڪا به عورت سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي مقرر ناهي ٿي ۽ ميمبر ملڪن کان عورت اميدوارن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته انتونيو گوتريش جيڪو گڏيل قومن جو نائون سيڪريٽري جنرل آهي.

مزید خبریں