بيجنگ -26 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي، ته غزه ۾ جامع ۽ ڊگهي وقت واري جنگ بندي لاءِ عالمي برادري کي وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل قومن ۾ منعقد خاص اجلاس جي ۾ پنهنجي پيغام ۾ چين جي صدر چيو ته فلسطين مسئلو وچ اوڀر جي تڪرار جو …
غزه ۾ جامع ۽ ڊگهي مدي واري جنگ بندي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا: چين جو صدر

مزید خبریں
بيجنگ -26 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي، ته غزه ۾ جامع ۽ ڊگهي وقت واري جنگ بندي لاءِ عالمي برادري کي وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل قومن ۾ منعقد خاص اجلاس جي ۾ پنهنجي پيغام ۾ چين جي صدر چيو ته فلسطين مسئلو وچ اوڀر جي تڪرار جو بنيادي محور آهي جيڪو عالمي انصاف، منصفاڻن اصولن ۽ علائقائي استحڪام تي گهرا اثر مرتب ڪري ٿو. چين جي صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري کي وڌيڪ مضبوط اتفاق راءِ پيدا ڪندي وڌيڪ ٺوس ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن غزه ۾ جامع ۽ ڊگهي وقت لاءِ جنگ بندي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ جو رستو روڪي سگهجي. هن چيو ته غزه ۾ جنگ کان پوءِ نئين سر تعمير ۽ انتظامي معاملا فلسطين جي حڪمراني فلسطينين جي اصول تحت ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ فلسطيني عوام کي خواهشن جو مڪمل احترام ۽ علائقائي ملڪن جي جائز خدشن کي نظر ۾ رکيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته مسئلي جي بنيادي سببن جي حل، پنهنجي ذميوارين جي ادائگي، مضبوط عملي قدم ۽ تاريخي ناانصافين کي درست ڪرڻ ذريعي عالمي انصاف جو ساٿ ڏئي.






