واشنگٽن - 26 نومبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين تڪرار جي حل بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي ميديا مطابق صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته آمريڪا روس سان ڳالهين جي شروعات ڪئي آهي ۽ ڳالهيون مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. هن امڪاني نتيجن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪطئي صورتحال اڃان واضع ناهي پر اڳڀرائي ڪري رهيا آهن.هن پنهنجي …
يوڪرين تڪرار جي حل بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي: آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن – 26 نومبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين تڪرار جي حل بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي ميديا مطابق صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته آمريڪا روس سان ڳالهين جي شروعات ڪئي آهي ۽ ڳالهيون مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. هن امڪاني نتيجن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪطئي صورتحال اڃان واضع ناهي پر اڳڀرائي ڪري رهيا آهن.هن پنهنجي 28 نڪاتي رٿابندي جو حوالو ڏيندي چيو ته ڌريون ان ڳالهه کي سمجهڻ لڳيون آهن ته اهي ٻنهي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون. يوڪرين جي رد عمل تي ڳالهيون ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ڪيف ان مشوري مان مطمئن آهي ۽ پاڻ به چاهي ٿو ته تڪرار جو خاتمو ٿئي.






