اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه جي اسڪولن جون اٽڪل سموريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن: يونيسيف

 غزه-26 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو آهي ته غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ اسڪولن جون اٽڪل سموريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه فلسطين ۾ ينيسيف جي نمائندي گذريل ڏينهن چئي آهي. هن چيو ته غزه ۾ 97 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون جنگ جي نتيجي ۾ مڪمل تباهه ٿي ويون آهن . گذريل ٻن سالن  ۾ …

 غزه-26 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو آهي ته غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ اسڪولن جون اٽڪل سموريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه فلسطين ۾ ينيسيف جي نمائندي گذريل ڏينهن چئي آهي. هن چيو ته غزه ۾ 97 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون جنگ جي نتيجي ۾ مڪمل تباهه ٿي ويون آهن . گذريل ٻن سالن  ۾ 6 لک 70 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم جي حق کان محروم ٿي ويا آهن . هن ٻڌايو ته 2023ع کان اسرائيلي اختيارين تعليمي عمل بابت ڪنهن به قسم جي مواد جي غزه ۾ فراهمي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

مزید خبریں