ميرپورخاص جي اقليتي اڳواڻن جي هنگامي پريس ڪانفرنس، ڀارتي دفاع واري وزير جي سنڌ بابت بيان تي شديد رد عمل

ميرپوخاص-26 نومبر (اي پي پي) سرحدي ڊويزن جي وڏي مندر لال مندر ميرپورخاص ۾ هندو اقليتي اڳواڻن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارت جي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه بابت تازي بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو ته آپريشن سندور جي ناڪامي کانپوءِ مودي سرڪار شديد بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ وڌندڙ تنقيد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ فرقيواراڻي …

ميرپوخاص-26 نومبر (اي پي پي) سرحدي ڊويزن جي وڏي مندر لال مندر ميرپورخاص ۾ هندو اقليتي اڳواڻن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارت جي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه بابت تازي بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو ته آپريشن سندور جي ناڪامي کانپوءِ مودي سرڪار شديد بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ وڌندڙ تنقيد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ فرقيواراڻي بيانن جو سهار وٺي رهيو آهي.  پريس ڪانفرنس کي لوهاڻو هندو پنچائت ميرپورخاص سنڌ جو سينئر نائب صدر موهن داس، جونيئر نائب صدر ليکراج، جنرل سيڪريٽري ڌنراج هوتواڻي، اطلاعات وارو سيڪريٽري پارو مل پريمي، بابو شريش ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌ جا هندو صدين کان هن ڌرتي جا وارث ۽ امن ۽ محبت جا داعي آهن. اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ سنڌ جي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، ڀارتي حڪومت جا بيان اسان جي وفادري تي هرگز اثر انداز نٿا ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي انتهاپسند حڪومت ۽ وزير ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ذريعي پنهنجي ڪرندڙ سياسي ساک کي سهارو ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. اڳواڻن پاڪ فوج ۽ سپهه سالار فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي دفاعي قوت مضبوط آهي ۽ پاڪ فوج قوم جي هر طبقي جي محافظ آهي. اقليتي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ سنڌو درياءَ جو اسان سان رڳو جاگرافيائي نه پر هڪ روحاني رشتو آهي. سنڌو صرف درياءَ ناهي پر اسان جي سڃاڻپ، اسان جي تاريخ ۽ اسان جي وجود جو حصو آهي. اڳواڻن چيو ته ڀارتي حڪومت ۽ ان جي وزيرن طرفان سنڌ ۽ پاڪستان بابت هر طرح جي الزام تراشي قبولڻ جوڳي ناهي ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هندو اهڙن بيانن کي رد ڪن ٿا.

مزید خبریں