ڪراچي-25 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت صوبائي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر چيو آهي ته منشيات هڪ لعنت آهي جيڪا اسان جي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪري رهي آهي، ان خلاف سخت ترين ڪريڪ ڊائون ۾ ڪا به رعايت برداشت نه ڪئي ويندي، منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل درآمد جاري رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهم …
منشيات هڪ لعنت آهي جيڪا اسان جي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪري رهي آهي: فريال ٽالپر

مزید خبریں
ڪراچي-25 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت صوبائي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر چيو آهي ته منشيات هڪ لعنت آهي جيڪا اسان جي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪري رهي آهي، ان خلاف سخت ترين ڪريڪ ڊائون ۾ ڪا به رعايت برداشت نه ڪئي ويندي، منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل درآمد جاري رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا پيش ڪئي وئي، جنهن تي آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ڊي آءِ جيز پوائنٽ ٽو پوائنٽ بريفنگ ڏني. ايجنڊا ۾ ڊرگ مافيا، فارنزڪ ليب جي ڪارڪردگي، ڪيميڪل گدلي کير جي جاچ، لينڊ مافيا خلاف ڪيس، صوبائي سائبر ڪرائم يونٽ جي تجويز ۽ ڪچي جي علائقن ۾ پوليس آپريشن جا نقطا شامل هئا. ان موقعي تي لينڊ مافيا جي حوالي سان چيئرپرسن اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو ته لينڊ مافيا ڪنهن به حالت ۾ سنڌ ۾ قابل قبول ناهي. هن زور ڏنو ته ڪميٽي جون سفارشون ۽ ڪارروائيون ميرٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجن. سائبر ڪرائم يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز تي بحث ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ڪا خط و ڪتابت ڪئي وئي آهي ته ان کي فوري طور تي پيش ڪيو وڃي ته جيئن وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ڪچي جي علائقن ۾ جاري پوليس ڪارروائين تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سکر سميت نوجوان آفيسرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. بدنام ڌاڙيل ساٿي جتوئي جي موت تي فريال ٽالپر ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي سٽي جي سٺي ڪارڪردگي تي خاص شاباسي ڏني. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس، ايڪسائيز ۽ اي اين ايف جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ منشيات خلاف گڏيل آپريشن جاري آهي، جڏهن ته سنڌ جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ٽنهي ادارن جي گڏيل چيڪنگ پڻ سخت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي واضح هدايتن جي ڪري منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي زمينن تي قبضي بابت ٺاهيل ڪميٽي جي سربراهي ڪريان ٿو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ۽ آباد جا نمائندا شامل آهن. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ڪميٽي جي سڀني فيصلن ۾ ميرٽ کي اوليت ڏني ويندي آهي. ڪچي وارن علائقن ۾ جاري آپريشن بابت، سنڌ جي گهرو وزير چيو ته هاڻي تائين 71 ڌاڙيلن سرنڊر پاليسي تحت قانون آڏو هٿيار ڦِٽا ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آپريشن هاڻي گهوٽڪي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪو به هٿيار ڦٽا ڪندو ان سان قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي سنڌ جي گهرو وزير نوجوان آفيسرن کي پڻ شاباسي ڏني. آءِ جي سنڌ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي صوبائي سطح تي جاري آپريشن، ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن ڪيا ويا آهن، جنهن تحت 9810 ايف آءِ آر ذريعي 12,623 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن ڪارروائين دوران 26 جوابدار زخمي جڏهن ته 7 مارجي ويا. گٽڪا ۽ ماوا خلاف پوليس آپريشن ۾ پڻ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. آءِ جي سنڌ موجب، 9786 ڪيسن ۾ 12,407 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي بابت خاص مهم تحت، فهرست ۾ شامل 75 جوابدارن مان 68 کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪيميڪل آلوده ۽ غير صحت بخش کير جي وڪري ۾ ملوث عنصرن خلاف پوليس ڪارروائي جي تفصيل پڻ پيش ڪئي وئي. آءِ جي سنڌ چيو ته 7 ڪيسن ۾ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي چيئرپرسن اسٽينڊنگ ڪميٽي فريال ٽالپر سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انساني صحت سان کيڏندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. هن هدايت ڪئي ته آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڪمشنر ڪراچي اهڙن ڏوهن خلاف هر ممڪن قدم کڻن، صوبي ۾ لينڊ مافيا خلاف جاري ڪارروائين بابت بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته 326 ڪيسن ۾ 769 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ پوليس ڏوهن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ان تحت پوليس ڪريڪ ڊائون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي. ڪچي وارن علائقن ۾ جاري آپريشن بابت ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 1368 ڌاڙيل گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 508 زخمي ڌاڙيلن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، هي انگ ڪُل گرفتارين کان علاوه آهي. ان دوران پوليس مقابلن ۾ 190 ڌاڙيل مارجي ويا. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته پوليس انتهائي خطرناڪ ۽ گهربل ڌاڙيلن کي به گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ آدم تيغاڻي، فريد تيغاڻي، حاڪم علي تيغاڻي ۽ نيازو ڌاڙيل شامل آهن. اهي جوابدار قتل، ڌاڙن، ڦر، اغوا براءِ تاوان ۽ هني ٽريپ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا. سنڌ حڪومت گرفتار جوابدارن مان هڪ حاڪم علي تيغاڻي ڌاڙيل جي گرفتاري (مئل يا زنده) تي 20 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو هو. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس صوبي ۾ ڏوهن جي خاتمي ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ آپريشن مسلسل جاري رهندا. آءِ جي سنڌ اجلاس کي ٻڌايو ته صوبائي سائبر ڪرائم يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز وفاقي حڪومت کي موڪلي وئي آهي. اغوا جي شرح کي گهٽائي زيرو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ هني ٽريپ جي چئن ڪيسن تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ۽ ڪميٽي جي ميمبرن، صائمه آغا، سهيل انور سيال، شام سندر، سعديه جاويد، خرم ڪريم سومرو، محمد قاسم، محمد فاروق، سجاد علي، شارق جمال کان علاوه ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ايڪسائيز، قانون وارن سيڪريٽرين، ايڊيشنل آءِ جيز، سي ٽي ڊي، ڪراچي ۽ سنڌ جي سمورن ڊي آءِ جيز شرڪت ڪئي.











