شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوامي جلسن تائين پهچايو: نثار کهڙو

حيدرآباد-25 نومبر (اي پي پي) سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته 30 نومبر پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو اهم سنگ ميل آهي، جنهن ملڪ کي پارٽي سياست ۽ پارلياماني جمهوريت جي نئين راهه ڏيکاري، حيدرآباد ڊويزن جي تنظيمي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سياست کي ڊرائنگ روم …

حيدرآباد-25 نومبر (اي پي پي) سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته 30 نومبر پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو اهم سنگ ميل آهي، جنهن ملڪ کي پارٽي سياست ۽ پارلياماني جمهوريت جي نئين راهه ڏيکاري، حيدرآباد ڊويزن جي تنظيمي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوامي جلسن تائين پهچايو ۽ سماجي انصاف تي ٻڌل سوشل ڊيموڪريٽڪ سياست جو بنياد وڌو. نثار کھڙو ٻڌايو ته پ پ پ جي 58هين يومِ تاسيس جي موقعي تي 30 نومبر تي ملڪ جي هر ضلعي ۾ جلسا منعقد ڪيا ويندا، جن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آن لائن خطاب ڪندو. هن چيو ته جلسن جو وقت ھڪ وڳي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري منجهند 3 وڳي خطاب ڪندو. هن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان صوبي ۾ 21 لک گهرن جي تعمير جاري آهي، جن مان لڳ ڀڳ 7 لک گهر مڪمل ٿي مستحقن حوالي ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڪڻڪ جي ڪا باقاعده قيمت مقرر نه هئي پر بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوشش سان ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 3500 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت 12 لک ٽن تائين ڪڻڪ جي خريداري ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئيني عدالت جو مطالبو پيپلز پارٽي 2005ع ۾ به ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا قوم کي مايوس ڪيو، مارشل لا کي صحيح قرار ڏنو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو فيصلو به پنج جي مقابلي ۾ چار ججن ڏنو. نثار کھڙو ٻڌايو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ڪم جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت 26 ارب روپين جون بقايائون وصول ڪيون، جيڪي ماضي ۾ ڪڏهن به جمع نه ٿيون هيون. ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت جي اليڪٽرڪ ڊيوٽيءَ مان 30 ارب رپيا روڪي رهي هئي پر هاڻي ڪمپني ماهوار ٻه ارب رپيا جمع ڪرائڻ جي پابند آهي. هن اين آءِ سي وي ڊي، جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته اهو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اينجيوپلاسٽيون ڪندڙ ادارن ۾ شامل آهي. هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ارڙهين ترميم جي رول بيڪ جي سخت مخالف آهي. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم حڪومت آندي آهي ۽ پيپلز پارٽي رڳو ان ۾ سڌارن بابت پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن. ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي حوالي سان حيدرآباد ڊويزن جو اجلاس پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو جي صدارت هيٺ رضوي هائوس گلستان سجاد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف خان شورو، پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر عاجز ڌامراهه، جنرل سيڪريٽري گيان چند ايسراڻي، ايم اين اي صادق ميمڻ، ايم اين اي سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ، ايم پي اي جبار خان، ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني، ايم پي اي سيد اعجاز شاهه، انجنيئر سڪندر حيات ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

مزید خبریں