پشاور-25 نومبر (اي پي پي) پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي سومر ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي جو ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري اداري (سي ٽي ڊي) ۾ دهشتگردي جي قلم تحت اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو. پوليس مطابق ڪيس مقامي ايس ايڇ او عبدالله جي مدعيت ۾ داخل ٿيو. ايف آءِ آر جي خلاصي ۾ چيو ويو آهي ته ٽي موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو …
پشاور ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ داخل

مزید خبریں
پشاور-25 نومبر (اي پي پي) پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي سومر ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي جو ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري اداري (سي ٽي ڊي) ۾ دهشتگردي جي قلم تحت اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو. پوليس مطابق ڪيس مقامي ايس ايڇ او عبدالله جي مدعيت ۾ داخل ٿيو. ايف آءِ آر جي خلاصي ۾ چيو ويو آهي ته ٽي موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو، جن مان هڪ حملي ڪندڙ مرڪزي گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. جڏهن ته 2 دهشتگرد فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيا، حملي جي نتيجي ۾ 3 جوان شهيد ۽ 11زخمي ٿيا هئا. ايف آءِ آر مطابق واقعي واري هنڌ تان وڌيڪ گولين جا خول به هٿ آيا جڏهن ته دهشتگردن جي ڪاروائي سبب ملڪي سلامتي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي شديد نقصان پهتو . پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ تائين پهچڻ لاءِ شاهدين جو هر رخ کان جائزو ورتو پيو وڃي.











