روسي صدر ۽ ترڪيه صدر جو ٽيلي فونڪ رابطو، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

ماسڪو-25 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪريملن جي جاري ڪيل بيان موجب ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سان گڏوگڏ توانائي جي شعبي ۾ جاري اسٽريٽجڪ منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون. …

ماسڪو-25 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪريملن جي جاري ڪيل بيان موجب ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سان گڏوگڏ توانائي جي شعبي ۾ جاري اسٽريٽجڪ منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون. يوڪرين جي حوالي سان روسي صدر چيو ته آمريڪا جي امن تجويز جو روس جائزو ورتو آهي، اصولي طور تي حتمي امن معاهدي جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. هن اهو به ٻڌايو ته اها تجويز انهن نقطن سان هڪجهڙائپ رکي ٿي جن تي آگسٽ ۾ الاسڪا ۾ ٿيل روس – آمريڪا سربراهي ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. بيان موجب ترڪيه صدر ڳالهين جي عمل کي هر ممڪن طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل ۾ ڳالهين لاءِ ترڪيه جي پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ڪريملن جو چوڻ هو ته ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي حوالي سان روس ترڪيه رابطن کي مختلف سطحن تي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں