اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت يافته غزه هيومنٽيرين فائونڊيشن پاران غزه ۾ پنهنجو مشن ختم ڪرڻ جو اعلان

تل ابيب -25 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت رکندڙ غزه هيومنٽيرين فائونڊيشن غزه جي پٽيءَ ۾ پنهنجي مشن جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فائونديشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته هن غزه ۾ پنهنجو هنگامي مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. هن رڪارڊ انساني آپريشن جي حصي طور علائقي ۾ رهندڙ شهرين کي 187 ملين کان وڌيڪ مفت کاڌو سڌي …

تل ابيب -25 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت رکندڙ غزه هيومنٽيرين فائونڊيشن غزه جي پٽيءَ ۾ پنهنجي مشن جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فائونديشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته هن غزه ۾ پنهنجو هنگامي مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. هن رڪارڊ انساني آپريشن جي حصي طور علائقي ۾ رهندڙ شهرين کي 187 ملين کان وڌيڪ مفت کاڌو سڌي ريت فراهم ڪيو. جنهن سان فلسطيني ڪٽنبن تائين غذائي امداد محفوظ طريقي سان پهچڻ کي يقيني بڻايو ويو. مئي ۾ اسرائيل طرفان عالمي ايجنسين جي ڪم ڪرڻ تي سخت پابنديون لڳائڻ کان پوءِ ان فائونڊيشن غزه جي رهواسين کي غذائي امداد فراهم ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو هو پر گڏيل قومن جي ماهرن، امدادي تنظيمن ۽ ٻين انساني تنظيمن سندن ڪم تي سخت تنقيد ڪئي هئي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيسر موجب ان تنظيم جي ورهاستي مرڪز مان امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران اسرائيلي فائرنگ سبب ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا.

مزید خبریں