ڪوالمپُور -25 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا حڪومت ٻارن جي آن لائين حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميديا موجب ملائيشيا جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ تي مڪمل طور پابندي هوندي. اهو فيصلو ٻارن کي درپيش آن …
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي

مزید خبریں
ڪوالمپُور -25 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا حڪومت ٻارن جي آن لائين حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميديا موجب ملائيشيا جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ تي مڪمل طور پابندي هوندي. اهو فيصلو ٻارن کي درپيش آن لائن خطرن ۽ سائبر ڪرائم کان بچڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. ملائيشيا جي مواصلات واري وزير فهمي فاضل چيو آهي ته حڪومت ڏسي رهي آهي ته آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن پابندي کي ڪيئن لاڳو ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون ايندڙ سال تائين حڪومت جي فيصلي موجب 16 سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي اڪائونٽ ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينديون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومتي ادارا ۽ والدين سڀ پنهنجا ڪردار ادا ڪن ته انٽرنيٽ جي تيز ٿيڻ سان گڏو گڏ محفوظ به ڪري سگهجي ٿو. خاص طور تي ٻارن ۽ گهرن لاءِ ڪجهه سالن ۾ سوشل ميڊيا تي سخت نگراني وڌائي آهي، نئين قانون موجب 8 ملين کان به وڌيڪ صارفين رکندڙ پليٽ فارمز کي ملڪ ۾ لائسنس وٺڻ لازمي آهي. گذريل آڪٽوبر ۾ ڪيترن ئي پارليمينٽ ميمبرن به ان پابندي جي حمايت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته اڪائونٽ ٺاهڻ وقت صارفين جي اصل عمر جي تصديق جو نظام هجڻ گهرجي. تازي سروي موجب ملائيشيا جي 72 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي هجڻ گهرجي. اهڙي طرح آسٽريليا ۾ به 10 ڊسمبر کان فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ کي 16 سالن کان گهٽ عمر جي صارفين کان هٽائڻو پيو، ٻي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، نيوزيلينڊ به ٻارن جي سوشل ميڊيا تائين پهچ کي محدود ڪرڻ لاءِ نئون بل آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح هالينڊ پڻ عوام کي مشورو ڏنو آهي ته هو 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي سوشل ميڊيا ايپس استعمال ڪرڻ نه ڏين. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پنجن ملڪن ڊئنمارڪ، فرانس، يونان، اٽلي ۽ اسپين هڪ اهڙي ايپ آزمائي رهيا آهن جيڪا صارف جي عمر چيڪ ڪري ۽ ٻارن کي نقصان پهچائيندڙ مواد کان بچڻ ۾ مدد ڏيندي.






