تهران-25 نومبر (اي پي پي) اسرائيلي حملي ۾ حزب الله ڪمانڊر جي مارجي وڃڻ تي ايران جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ايران جي اسلامي پاسداران انقلاب (آءِ آر جي سي) اعلان ڪيو آهي ته بيروت ۾ سينئر حزب الله ڪمانڊر هيثم علي طباطبائي جي فوتگي کان پوءِ اسرائيل کي تباهه ڪندڙ جواب ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ آءِ آر جي سي ان حملي کي اسرائيل …
اسرائيلي حملي ۾ حزب الله ڪمانڊر جي مارجي وڃڻ تي ايران جو سخت رد عمل

مزید خبریں
تهران-25 نومبر (اي پي پي) اسرائيلي حملي ۾ حزب الله ڪمانڊر جي مارجي وڃڻ تي ايران جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ايران جي اسلامي پاسداران انقلاب (آءِ آر جي سي) اعلان ڪيو آهي ته بيروت ۾ سينئر حزب الله ڪمانڊر هيثم علي طباطبائي جي فوتگي کان پوءِ اسرائيل کي تباهه ڪندڙ جواب ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ آءِ آر جي سي ان حملي کي اسرائيل جو وحشياڻو ڏوهه قرار ڏيندي چيوته طبا طبائي کي بيروت جي ڏکڻ پاسي ۾ کليل ۽ دهشتگرد ڪارروائي ۾ نشانو بنايو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”محور مزاحمت ۽ حزب الله“ کي ان حملي جو بدلو وٺڻ جو حق حاصل آهي ۽ فيصلاتو رد عمل مناسب وقت تي ڏنو ويندو.






