سنڌ جي وڏي وزير پاران پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي سخت مذمت

ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۾ ايف سي جي جوانن جي همٿ تعريف جوڳي …

ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۾ ايف سي جي جوانن جي همٿ تعريف جوڳي آهي. هن چيوته پشاور حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار قوم جا هيرو آهن. سنڌ جي وڏي وزير، شهيد ايف سي اهلڪارن جي بهادري کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو آهي ته سنڌ حڪومت شهيدن جي خاندانن سان دلي تعزيت ڪري ٿي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ناقابل فراموش آهن، وڏي وزير زخمي اهلڪارن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ دعا ڪئي.

مزید خبریں