سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪراچي شهر جي 315 روڊن، گھٽين ۽ 60 وڏين شاهرائن جي ٻيهر تعمير لاءِ 25 ارب رپيا منظور

ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي شهر جي 315 روڊن، گھٽين ۽ 60 وڏين شاهرائن جي ٻيهر تعمير لاءِ 25 ارب رپيا منظور ڪندي چيو آهي ته شهرين کي انفراسٽرڪچر ۽ ٽريفڪ جي تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ فنڊ رنڊڪ نه بڻبا پر انهن تي ڪم فوراً شروع ٿيڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت …

ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي شهر جي 315 روڊن، گھٽين ۽ 60 وڏين شاهرائن جي ٻيهر تعمير لاءِ 25 ارب رپيا منظور ڪندي چيو آهي ته شهرين کي انفراسٽرڪچر ۽ ٽريفڪ جي تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ فنڊ رنڊڪ نه بڻبا پر انهن تي ڪم فوراً شروع ٿيڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.وڏي وزير شهر ۾ تازو پيل برساتن سبب ٿيل وڏي پيماني تي نقصان جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي جا روڊ خراب حالت ۾ آهن جڏهن ته جاري ميگا پروجيڪٽس به ٽريفڪ جي مسئلن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن تنهنڪري ترقياتي ڪم ۾ تيزي ضروري آهي ته جيئن عوام وڌيڪ پريشاني برداشت نه ڪري. وڏي وزير ميئر کي واضع هدايت ڪئي ته دير ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، فنڊ مسئلو ناهن مون کي ڪم جنگي بنيادن تي ڪرڻو آهي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي روڊن جي نقصان ۽ بحالي واري منصوبي بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو۔ ميئر ٻڌايو ته شهر جون 315 گهٽيون خراب آهن ۽ فوري مرمت جي ضرورت آهي۔ وڏي وزير سڀني شهر جي اندرين گهٽين وارين اسڪيمن کي فوري طور منظور ڪندي چيو ته انهن تي ڪم تيزي سان شروع ڪيو وڃي۔ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر جون 60 وڏيون شاهراهون به ٻيهر تعمير ٿيڻيون آهن جن تي لڳ ڀڳ 25 ارب رپيا خرچ ايندو۔ وڏي وزير واضح هدايت ڪئي ته جن گھٽين جي تعمير ٿئي ٿي انهن جو نيڪال سسٽم مڪمل طور ٺهي. هن وڌيڪ چيو ته 60 شاهراهن تي ڊرينج سسٽم روڊن سان گڏ ساڳئي وقت تعمير ڪيو وڃي جيئن ٻيهر نقصان کان بچي سگهجي۔ عوامي ڀلائي ۽ سيڪيورٽي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪيماڙي ۾ نون آر او پلانٽس جي افتتاح تي ميئر کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ مصروفِ عمل آهي، اسان کي عوام لاءِ صاف پاڻي، سٺا روڊ ۽ بهترين امن امان يقيني بڻائڻو آهي. هن چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ سيفٽي بهتر ٿي آهي ۽ سيف سٽي منصوبي تحت ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي۔ صوبائي حڪومت جو تيز رفتار انفراسٽرڪچر پروگرام اهو ثابت ڪري ٿو ته موجوده ترقياتي عمل جي مڪمل ٿيڻ سان شهر جو نقشو ئي مڪمل طور تبديل ڪيو ويندو۔ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي ڪورنگي ڪاز وي پل ۽ شاهراههِ ڀٽو ايڪسپريس وي سميت اهم منصوبن جي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو جيڪي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن۔ ناصر شاهه موجب منصوبو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪو آهي۔ پل ڊسمبر 2025 يا جنوري 2026 ۾ مڪمل طور کولي ويندي۔ وڏي وزير چيو ته هيءَ پل ڪورنگي لاءِ مستقل، برساتن جي خطري کان محفوظ رابطو فراهم ڪندي۔ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي 39 ڪلوميٽر ڊگهي، ٽن لينن واري ايڪسپريس وي ڊي ايڇ اي ۽ ڪورنگي کي ايم-9 موٽروي سان ملائي ٿي جنهن سان مسافرن ۽ ڪمرشل ٽريفڪ جو سفر گھڻو گهٽجي ويندو۔ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي مڪمل اڳڀرائي 82 سيڪڙو آهي جڏهن ته مجموعي ڪم 78 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي۔ سيڪشن I (قيوم آباد کان قائد آباد) هي حصو مڪمل ڪري ٽريفڪ لاءِ کولي ڏنو ويو آهي۔ شاهه فيصل انٽرچينج پڻ فعال آهي۔ سيڪشن II (قائد آباد کان ڪاٺوڙ) هي حصو 65 سيڪڙو مڪمل آهي۔ سمون ڳوٺ ايليويٽيڊ اسٽرڪچر ملير ندي مٿان هي 4 ڪلوميٽر بلند اسٽرڪچر، مقامي ڳوٺن جي تحفظ لاءِ تعمير ٿي رهيو آهي ۽ 48 کان 50 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي۔ نئون لنڪ روڊ (پورٽ قاسم کان ايم-9) هي 22 ڪلوميٽر ڊگهو لنڪ روڊ ڪارگو ٽريفڪ لاءِ اهم آهي ۽ 2025ع جي آخر تائين مڪمل طور کلي وڃڻ جي اميد آهي۔ ڪريم آباد انڊر پاس ڊگهي عرصي کان رڪاوٽن جو شڪار منصوبو تيزي سان اڳتي وڌيو آهي ۽ ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي۔ هي منصوبو 85 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي۔اجلاس ۾ وزير بلديات سيد ناصر شاهه، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه ۽ ٻين اهم عملدارن شرڪت ڪئي۔

مزید خبریں