وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قطر جي شاهي خاندان پاران اعليٰ سطح تي رابطا وڌائڻ ۽ خاص طور تي سنڌ جي پاڻي ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قطر جي شاهي خاندان جي ميمبر شيخ احمد بن ثاني اعليٰ سطح تي رابطا وڌائڻ ۽ خاص طور تي سنڌ جي پاڻي ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔ وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه شيخ احمد بن ثاني کي باضابطه طور …

ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قطر جي شاهي خاندان جي ميمبر شيخ احمد بن ثاني اعليٰ سطح تي رابطا وڌائڻ ۽ خاص طور تي سنڌ جي پاڻي ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔ وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه شيخ احمد بن ثاني کي باضابطه طور سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ صوبي جي مضبوط معاشي امڪانن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي روشني وڌي۔ شيخ احمد جيڪو پنهنجي ساٿين سان گڏ هتي آيل آهي، زراعت ۽ واٽر مينيجمينٽ ٽيڪنالاجيز ۾ گہري دلچسپي ظاهر ڪئي۔ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه وفد کي بريفنگ ڏيندي چيو ڪراچي لاءِ اسان وٽ وڏا ڊيسالينيشن ۽ واٽر ڊسٽريبيوشن جا منصوبا تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبو ۾ اهم زرعي منصوبا اڳتي وڌي رهيا آهن ٺٽو کان ڪشمور تائين وڏا زرعي منصوبا تمام بهتر منافعي جا امڪان رکن ٿا. مراد علي شاهه قابل تجديد جوڳي توانائي، ايگرو پروسيسنگ، ڊيري ۽ سياحت جي شعبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش کي به اجاگر ڪيو۔ ٻنهي پاسن کان اعليٰ سطح تي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٽيڪنيڪل ٽيمون جلد فالو اپ ملاقاتون ڪنديون۔ شيخ احمد بن ثاني اعلان ڪيو ته قطر جي سيڙپڪارن جو هڪ وفد جلد سنڌ جو دورو ڪندو ته جيئن ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائي سگهجي ۽ سيڙپڪاري وارا منصوبا مڪمل ٿي سگھن.صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف پڻ موجود هئا۔

مزید خبریں