سکر ۾ نيو پنڊ واري علائقي ۾ هڪ گهر اندر بيٽري چارج ٿيڻ دوران ڌماڪو، هڪ ڄڻو زخمي

سکر-24 نومبر (اي پي پي) ايڌي انفارميشن ڊيسڪ سکر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق سکر جي نيو پنڊ علائقي جي انصاري محلي ۾ هڪ گهر اندر اوچتو باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ تي ايڌي ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ سکر جو عملو ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پھتو. ٻڌايو ويو آھي ته ھڪ گهر ۾ بيٽري چارج ٿيڻ دوران زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب باهه ڀڙڪي پئي ۽ ڪمري ۾ موجود …

سکر-24 نومبر (اي پي پي) ايڌي انفارميشن ڊيسڪ سکر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق سکر جي نيو پنڊ علائقي جي انصاري محلي ۾ هڪ گهر اندر اوچتو باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ تي ايڌي ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ سکر جو عملو ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پھتو. ٻڌايو ويو آھي ته ھڪ گهر ۾ بيٽري چارج ٿيڻ دوران زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب باهه ڀڙڪي پئي ۽ ڪمري ۾ موجود 35 ورهين جو شخص آصف علي بروهي باهه ۾ سڙڻ سبب زخمي ٿي پيو. جنھن کي ايڌي ايمولينس وسيلي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جي سٽ نه سَھندي فوت ٿي ويو. جنھن کي ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن جي موجودگيءَ ۾ نيو ڳوٺ قبرستان ۾ مٽي ماءٌ حوالي ڪيو ويو.

مزید خبریں